ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ڪمشنر سليم خان جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪميشن جي ڪمشنرعدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواستگذار کان دليل طلب ڪري ورتا، جواب ۾ چيو ويو ته هو گذريل 10 سالن کان فلاحي اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، فلاحي اداري سان لاڳاپيل هئڻ جو سرٽيفڪيٽ به عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، درخواستگذار جي وڪيل عامر بلوچ چيو ته رٽائرڊ سرڪاري ملازم انفارميشن ڪميشن جو ڪمشنر مقرر نٿو ٿي سگهي، انفارميشن ڪميشن جي مقرري شفافيت بابت 2016 جي ايڪٽ جي خلاف ڀڃڪڙي آهي، محمد سليم خان جي محمد سليم خان جي مقرري کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
-
جناح وومين ڪاليج فنڊز ۾ گهوٻيون، آفيس سپرنٽينڊنٽ گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڪارروائي، جناح وومين ڪاليج جي فنڊز ۾ گھوٻين جي الزام ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ گرفتار، اينٽي ڪرپشن آفيس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب اينٽي ڪرپشن سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل امتياز ابڙو جي ھدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اولھه عبدالواحد چنا پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارروائي ڪئي، نارٿ ناظم آباد جناح وومين ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال بابر شاھ جي شڪايت تي ڪاليج جي فنڊز ۾ گھوٻين جَي الزام ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ ريحان کي گرفتار ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آصف راڄپر ڊائريڪٽر جنرل سنڌ امتياز ابڙو جي ھدايت تي ڪارروائي ڪندي گرفتار آفيس سپرنٽينڊنٽ ريحان خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، جوابدار کي ريمانڊ لاءِ اڄ اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.