ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ هدايتڪار راجڪمار هيراڻي پنهنجي نئين فلم جي اسڪرپٽ تي اسٽار اداڪار عامر خان جي ردعمل ٻڌي دنگ رهجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، عامر خان ۽ راجڪمار هيراڻي جي ملاقات کان پوءِ دادا صاحب ڦالڪي جي زندگي تي آڌاريل فلم في الحال روڪي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن راجڪمار هيراڻي ۽ فلم جي ليکڪ عامر خان کي اسڪرپٽ ٻڌايو ته عامر خان محسوس ڪيو ته ان ۾ مزاحيه ۽ جذباتي عنصر گهٽ آهن ۽ ڪابه اهڙي شيءِ ناهي جيڪا سئنما ۾ مداحن کي جڪڙي رکي.
عامر خان اسڪرپٽ ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته ڪهاڻي ۾ مزاح، جذبن ۽ ڊرامائي عنصر موجود نه آهن، ان ۾ اهڙا لمحا نه آهن جيڪي مداحن کي کلڻ تي مجبور ڪن يا دل کي ڇُهي وڃن، جيڪا ماضيءَ ۾ راجڪمار هيراڻي جي فلمن جي سڃاڻپ رهي آهي.
اسٽار اداڪار هدايتڪار ۽ ليکڪ کي چيو ته فلم جو اسڪرپٽ ٻيهر لکي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، اداڪار جي اِها ڳالهه ٻڌي هدايتڪار ۽ ليکڪ ٻئي حيران ٿي ويا ۽ سوچ ۾ پئجي ويا.
فلم لاءِ شوٽنگ جو شيڊيول آڪٽوبر 2025 ۾ مقرر هو، جيڪو هاڻي ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ عامر خان ٻين پروجيڪٽس تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
مداحن کي اميد هئي ته ”ٿري ايڊيٽس“ ۽ ”پي ڪي“ جهڙين هٽ فلمن کانپوءِ اداڪار ۽ هدايتڪار جي جوڙي جي هڪ ٻي فلم ڏسڻ کي ملندي، پر اها فلم في الحال ملتوي ڪئي وئي آهي.
ڀاعامر خان کي” داد صاحب ڦالڪي“ جو اسڪرپٽ نه وڻيو، راجو هيراڻيءَ کي وڌيڪ محنت جي صلاح، شوٽنگ ملتوي
You might also like