ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ ڪريم شاهه روڊ تي فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس اهلڪار صدام حسين شهيد ٿي ويو، ترجمان ايس ايس پي اولهه موجب فائرنگ جو نشانو بڻجندڙ اهلڪار صدام حسين گلشن معمار ٿاڻي ۾ مقرر هو، هو پنهنجي موٽرسائيڪل جو پنڃر لڳرائي رهيو هو ته ڪار ۾ سوار 4 هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪيو، مقتول پوليس اهلڪار قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شاهده رحماني جو گن مين هو، جيڪو ڊيوٽي کان موڪل تي گهر واپس وڃي رهيو هو، پوليس واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم جا 5 خول ۽ 30 بور جو هڪ خول هٿ ڪيو آهي، جڏهن ته جاچ مختلف رخن کان جاري آهي، ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ويسٽ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي آهي ته ثبوتن جي روشن ۾ جاچ کي اڳتي وڌائي، شهيد اهلڪار جي گهر وڃي وارثن سان ملاقات ڪئي وڃي ۽ ذميوار جوابدارن کي جلدي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.