حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڌاڙن، ڌاڙيل راڄ، منشيات جي واپار ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن سنڌ کي گهڻ طرفي گهيري هيٺ آندو آهي. 26هين ترميم، پيڪا ايڪٽ، اينٽي ٽيررزم ايڪٽ ترميمي بل ۽ ٻيا ڪارا قانون پاس ڪري عدليا ۽ ميڊيا کي قيد ڪرڻ کانپوءِ هاڻي وري 27هين آئيني ترميم آڻي ايوبي آمريت کان وڌيڪ خطرناڪ ون يونٽ مڙهڻ جي سازش رٿي وئي آهي. حڪمران ۽ اسٽيبلشمينٽ 27هين آئيني ترميم ذريعي نوان صوبا ٺاهي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. ڪالاباغ ڊيم سميت مختلف ڊيمن، ڪئنالن ذريعي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن ۽ سنڌو درياهه تي قبضي خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ 24 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي،