ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ ميوزڪ ٽيچرز مٿان پوليس جو تشدد

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ميوزڪ ٽيچرز اميدوارن طرفان جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ٽيون ڀيرو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ جي ڪوشش دوران اميدوارن مٿان پوليس جو تشدد، ساز ڀڃي ڇڏيا، شاهه جي رسالي جي توهين، هڪ اميدوار زخمي، تعليم کاتي ۾ ميوزڪ ٽيچرز جي اميدوارن  احتجاج تيز ڪري ڇڏيو، ڪامران چانڊيو، برڪت علي وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ٽيون ڀيرو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، اميدوارن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود جوائننگ آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن، پرامن انداز ۾ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪري رهيا هئاسين پر پوليس  زبردستي روڪيو ۽ سخت تشدد ڪيو. پوليس جي حملي ۾ ڪيترائي ساز ڀڄي ويا، تڪتيارو  ٽوڙيو ويو،  شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي بي حرمتيءَ سان اڇلايو ويو، پوليس  ڌمڪيون پڻ ڏنيون ۽ احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏاڍ جا طريقا اختيار ڪيا ويا آهن، 24 ڪلاڪن اندر جوائننگ آرڊر جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته  سنڌ اسيمبلي يا سي ايم هائوس ٻاهران مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال تي ويهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.