ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ شڪايتون انهن ٽائونن مان اچي رهيون آهن جتي جماعت اسلامي جو اثر آهي. جماعت اسلامي کي صرف پنهنجو ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ايندو آهي، جڏهنته حڪومت ۽ وزير عوام کي وقت بوقت سببن کان آگاهه ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته جماعت اسلامي هميشه ان ڪم تي شور مچائي ٿي جيڪو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو هوندو آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪريم آباد انڊر پاس جلد مڪمل ٿي ويندو. سعديه جاويد الزام هنيو ته جماعت اسلامي صرف تنقيد، پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ کي هٿي ڏئي رهي آهي، جڏهنته ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبا جماعت اسلامي لاءِ سياسي بم وانگر ثابت ٿي رهيا آهن۔