ڪشمور (ع آ نيوز) ڪچي ۾ ٻوڏ صورتحال سبب ڌاڙيل پنهنجا ٿاڪ خالي ڪرڻ لڳا. پوليس سندن ٿاڪن تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو. سنڌ پوليس موجب، ضلعي ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال سبب ڌاڙيل علائقا خالي ڪري رهيا آهن . پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي علائقي گهيلپور ۾ ڌاڙيلن جا ٿاڪ خالي ٿي ويا آهن ۽ پوليس خالي ڪيل ٺڪاڻن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ڪچي ۾ جاگيراڻي، شر ۽ انڍڙ گينگ جا ڪارندا وارداتون ڪندا رهيا آهن، ٻارن کي ڪڍڻ کانپوءِ ڌاڙيل پاڻ ٻين علائقن ۾ پناھه وٺندا آهن.ايس ايس پي ڪشمور مراد گهانگهري چيو ته ٻوڏ سبب ڌاڙيلن جي منتقلي جي خاص نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڌاڙيلن جي نشاندهي لاءِ خاص منصوبابندي ڪئي وئي آهي.