ڪراچي(رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان موجب سنڌ جي 14 ضلعن جي 29 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون، اعلان موجب پولنگ اسٽيشنن اندر موبائل فون کڻي اچڻ تي پابندي هوندي، رڳو عملو ۽ سيڪيورٽي اهلڪار هن پابندي کان آزاد هوندا، ترجمان اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته اليڪشنز ايڪٽ 2017 جي شق 182 تحت پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ عوامي اجتماعن، جلسن، جلوسن ۽ ڪارنر ميٽنگز تي پابندي هوندي. اها پابندي 22 ۽ 23 سيپٽمبر جي وچ واري رات کان پولنگ جي پڄاڻي تائين لاڳو رهندي،
ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.