اسلام آباد (بيورو)پاڪستان افغان عبوري سفير کي طلب ڪري طالبان حڪومت آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته افغانستان جي سرزمين کي ڪنهن به صورت ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جهڙن دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻجڻ نه ڏنو ويندو.اعليٰ سفارتي ذريعن موجب افغان سفير سردار احمد شڪيب کي اسلام آباد ۾ وزارتِ خارجه طلب ڪيو ويو، جتي ايڊيشنل فارن سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني پاڪستان جو سخت پيغام پهچايو. افغان نمائندي کي چيو ويو ته طالبان حڪومت عالمي سطح تي تسليم ٿيل دهشتگرد تنظيم ٽي ٽي پي سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ۽ پنهنجا واعدا پوريون ڪندي افغان سرزمين تان دهشتگردن جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي شديد ڳڻتي آهي ته ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغانستان ۾ لڪي ويٺا آهن ۽ انهن کي ڀارتي خفيه ادارو "را” مالي سهڪار ۽ مڪمل سرپرستي فراهم ڪري رهيو آهي