ڪراچي جون 8 دهشت گردي ٽوڙ عدالتون منشيات جي عدالتن ۾ تبديل

ڪراچي (رپورٽر) منشيات جي خاتمي واري قانون تحت خاص عدالتن جي قيام ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 8 دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي منشيات جي عدالتن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جوابدار ارمغان جو ريمانڊ نه ڏيندڙ اي ٽي سي ڪورٽ نمبر هڪ جي جج ذاکر حسين کي انسداد منشيات ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، ڪراچي ۾ 6 دهشتگردي ٽوڙ عدالتون ڊگهي عرصي کان خالي پيل هيون، جن مان 5 عدالتن کي منشيات جي خاتمي وارين ڪورٽن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڪراچ جي ٽن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۽ سکر ۾ موجود خاص عدالتون به منشيات ڪورٽن ۾ تبديل ڪيون ويون آهن،  سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ ڪراچي جون 12 خاص عدالتون ٻيهر منظم ڪري ڇڏيون، قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عارضي طور عدالتن جي منتقلي ۽ تبديلي جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته حتمي نوٽيفڪيشن گهرو کاتو جاري ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.