گڊو وٽ وهڪرن ۾ لاٿ، سکر وٽ چاڙهه، پاڻي بيهڻ سبب بئراج جي بنياد کي خطرو

سکر(رپورٽر) گڊو وٽ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ لڳي، سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ برقرار آهي، بئراج جا ٽي دروازا خراب ھجڻ, ڪافر ڊيم نه ھٽائڻ سبب ٻن ڏينهن کان پاڻي ھڪ جاءِ تي بيھي رھيو بئراج جي بنيادن کي نقصان جو خطرو وڌي ويو آهي. سکر بئراج جي تازو 16دروازن مٽائڻ واري ڪم ۾  غير معياري سامان استعمال ۽ بئراج جا ٽي دروازا ڦاٿل هجڻ ۽ دروازي نمبر 43 اڳيان ڪم دوران پاڻي کي روڪڻ جي لاءِ ڏنل ڪوفر ڊيم نه ھٽائڻ جي ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان وڏي ٻوڏ جي پاڻيءَ وارو وھڪرو 5لک 71ھزار 800ڪيوسڪ ھڪ ھنڌ رڪجي ويو آهي ڊائون اسٽريم ۾ سست رفتار سان وڃي رھيو آھي.ان سلسلي ۾ بئراج ماھرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڻي ھڪ جاءِ تي روڪجڻ جي نتيجي ۾ بئراج جي بنيادن کي نقصان پھچي سگھي ٿو.ھن وقت سکر بئراج وٽ ٽن ڏينهن کان وڏي ٻوڏ ھلي رھي آھي.ھوڏانھن گڊو بئراج وٽ گذريل چوويھه ڪلاڪن دوران 11ھزار 136ڪيوسڪ پاڻيءَ ۾ لاٿ اچڻ کانپوءِ مٿانهون وهڪرو  5لک81 ھزار 136ڪيوسڪ مان گھٽجي  5لک 70 ھزارڪيوسڪ تي پھچي ويو آهي.گڊو بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ 5لک 42ھزار809ڪيوسڪ ھجڻ سبب اتي پڻ اڃان وڏي ٻوڏ ھلندڙ آھي جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي ۾لاڳيتو چاڙهه جي ڪري ننڍي ٻوڏ واري صورتحال ھلندڙ آھي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو  3 لک 10ھزار 698 ڪيوسڪ آهي سمنڊ ڏانهن 2 لک 89ھزار98 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ٻئي طرف پنجند بئراج وٽ پاڻي ۾ لاڳيتو لاٿ جي ڪري مٿين وھڪري ۾ 1 لک 94 ھزار 279ڪيوسڪ جڏهن ته سنڌ جي بئراجن ڏانھن 1لک85ھزار229ڪيوسڪ پاڻي  ڇڏيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.