شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي ) شڪارپور جي فتو ڪوٽ واري علاقي ۾ ھٿياربندن جي پراڻي تڪرار تان ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، ھٿياربندن سلطان ڪوٽ کان ڳوٺ طرف ويندڙ موٽر سائيڪل سوار نوجوان مٿان فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ذڪاءُ الله بروھي زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل نوجوان جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ھٿياربند گھوٽڪي واسي جمشير علي مارجي ويو، مارجي ويل هٿياربندن جي ڳوٺ ڪمال خان مشوري حيات پتافي ميرپور ماٿيلو جي رھواسي طور سڃاڻپ ٿي، ھٿيار بند جو لاش بروھي برادري جا ھٿياربند واقعي واري ھنڌ تان کڻائي ويا، جڏهن ته ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ذڪاءُ الله بروھي زخمن جو سور نه سھندي واقعي واري ھنڌ فوت ٿي ويو، پوليس بروھي برادري جي قتل ٿيل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ ممتاز سومرو عوامي آواز کي ٻڌايو ته بروھي برادري جو سندراڻي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري سان جهيڙو ھلندڙ آھي، تصديق نه ٿي آھي ته ڪھڙي ڌر جي حملي ۾ بروھي برادري جو نوجوان مارجي ويو، ٻئي ھٿياربند جو لاش اسان کي نه مليو آھي، جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.