بدامني ۽ عوامي احتجاج سبب سنڌودرياءَ جي بندن جي مضبوطي جي رٿا مڪمل نه ٿي سگهي

ڪراچي(شڪيل نائچ)سنڌ ۾ بدامني ۽ عوامي احتجاج سبب سنڌو درياءَ  جي بندن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، سنڌ حڪومت ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ اڳيان انڪشاف ڪيو آهي ته گڊو کان وٺي ٺٽو سجاول تائين سنڌو درياءَ  جي حفاظتي بندن کي مضبوط ڪرڻ جو منصوبو، جيڪو ايشين ترقياتي بئنڪ جي قرض سان شروع ڪيو ويو هو، اهو بروقت مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.حڪومت موجب ٻن وڏن سببن ڪري ڪم ۾ رڪاوٽون آيون صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ ڪيترن علائقن ۾ عوامي احتجاج جاري آهي.تعميراتي ڪم لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون جهڙوڪ ڊامبر (Bitumen) ۽ پٿريلو ڌات جي فراهمي گهٽجي وئي آهي.انهن سببن ڪري حفاظتي بندن جو ڪم تيزيءَ سان ٿيڻ بجاءِ صرف 56 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي سگهيو آهي.دستاويزن موجب، هن منصوبي بابت پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي لاءِ ڪل رقم 48 ارب 40 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي.ان مان ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جو حصو 43 ارب 97 ڪروڙ رپيا آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت جو حصو 4 ارب 42 ڪروڙ رپيا آهي.ڊالرن ۾ هي رقم لڳ ڀڳ 22 ڪروڙ ڊالر آهي:ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جو حصو 19 ڪروڙ 99 لک ڊالر آهي.سنڌ حڪومت جو حصو 2 ڪروڙ 1 لک ڊالر آهي.ڊونرز ۽ امدادي ادارن طرفان گڏيل طور تي لڳ ڀڳ 12 ڪروڙ 34 لک ڊالر مهيا ڪيا ويا.جاري مالي سال ۾ منصوبي لاءِ 25 ارب 6 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن ۾:ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جو حصو 23 ارب 78 ڪروڙ،سنڌ حڪومت جو حصو 1 ارب 27 ڪروڙ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.