مظفر ڳڙهه(م ڊ) ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ محرومين کي وڌائي ڇڏيو، مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور۾ قائم سرڪاري اسڪول جي ريليف ڪيمپ ۾ شديد بدنظمي ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جتي ٻوڏ متاثرن امدادي سامان تان پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏنو. ريليف ڪيمپ ۾ افراتفري جي صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن دوران جنهن کي جيڪو هٿ آيو، ماڻهو کڻي روانا ٿي ويا. ڪيمپ مڪمل طور خالي ٿي وئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب موقعي تي ڪو به انتظامي عملو موجود نه هو جيڪو امداد ورهائي يا صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهي.
متاثرن جو چوڻ هو ته هو ڏينهن رات قطارون لڳائي بيهندا رهيا پر جڏهن سامان آيو ته ڪنهن به ترتيب يا فهرست جو خيال نه رکيو ويو.