جي يو آءِ جي امن مارچ جي مختلف شهرن ۾ آجيان،سنڌ جو امن تباهه آهي\راشد محمود

ڪراچي/سکر(نمائندا) جي يو آءِ جو امن مارچ خيرپور پهتو، جميعت علماءِ اسلام جي صوبائي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ملڪ جي حالت اها آهي جو نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ميرٽ تي روزگار لاءِ اسلام آباد جي روڊ رستن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن ماڻهن کي اٽو،لٽو ۽ اجهو ته نه مليو، ملڪ مٿان چڙهيل قرض نه لٿو، هڪ ڪروڙ نوڪريون ته نه مليون، 50 لک گهر نه مليا، پر ماڻهن کان عزت سان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي ھن چيو ته ملڪ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آهي ڌاڙيل ڪلچر عروج تي آهي بدامني عروج تي آهي ڪچي جي ڏوهارين اسان جي علائقن کي نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي ته پڪي جي ڌاڙيلن اسان جي اسپتالن کي ناهي ڇڏيو اسان جي اسڪولن کي ناهي ڇڏيو هنن ڏينهن رات ڪرپشن جي نئين رڪارڊ کي قائم ڪري سنڌ، سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي نوجوانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته  سنڌ امن مارچ جو قافلو راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ درازا شريف پھتو، جتي جماعت جو جھنڊو لڳائي افتتاح ڪيو، جنھن بعد قافلو راڻيپور پھتو، جتي قومي شاھراھ جي وٽ ۾ لڳل استقباليه ڪئمپ تي سندس جو سوين ماڻھن پاران سندس قافلي مٿان گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو ويو، ۽ سندس جي نعرن جو ڀرپور نموني جواب ڏنو، ان موقعي تي علامه راشد محمود سومرو مختصر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿيو ويو آھي، ھتي ڪو به ڳوٺ شھر بدامني کان خالي ناھي رھيو، ھر طرف قتل، ڌاڙا، ڦرون ۽ ڪرپشن جي بازار سرگرم آھي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، سنڌ ۾ ڪچي جا ڌاڙيل ۽ پڪي جا ڌاڙيل پالي سنڌي عوام کان تحفظ جو حق ختم ڪيو ويو آھي، اسان جو ھي پرامن قافلو جو ڪشمور کان شروع ٿيو آھي، سنڌ جي سمورن شھرن مان ٿيندو ڪراچي پھچيندو، جتي وزير اعلي ھائوس آڏو ڌرڻو ھڻي پنھنجي ڀرپور نموني سان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، جنھن ۾ لکين ماڻھو شرڪت ڪندا، انھيءَ موقعي تي تعلقي سوڀوديرو ۽ راڻيپور جي مقامي قيادت جا امير استاد نور محمد ميمڻ، مولانا محمد قاسم هنجراھ، مولانا محمد راشد ليل، قاري لعل محمد عباسي، قاري مجاهد حسين سرڪي، علي بخش بروهي، قاري عبدالواحد بروهي، آغا عيد محمد پٺاڻ، مولانا محمد عرفان آرائين، محمد اقبال راڄپر، ضمير احمد صديقي ۽ مولانا فاروق احمد ڀٽو ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ پڻ موجود ھئا، جنھن بعد قافلو اڳيتي پنھنجي منزل طرف روانو ٿي ويو، ٻئي پاسي  مولانا راشد محمود سومرو، معظم عباسي، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمور کان نڪتل سنڌ امن ڪاروان قافلو ھالاڻي پهتو،قافلي مٿان مولانا عبدالغني،مولانا عبدالله ھاليپوٽو، عثمان علي ۽ گلن جي ورکا ڪئي ڀريا ۾ سوين ڪارڪنن قافلي جي گلن سان آجيان ڪئي،علامه مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو امن تباهه ٿي چڪو آهي،ڌاڙا ڦرون چوريون قتل غارت روز جومعمول بڻايو ويو آهي ٻئي پاسي  امن مارچ قافلو نوشھرو فيروز پھتو مولانا راشد محمود سومرو پنھنجي خطاب ۾ چيو ته اربين روپيا پوليس جي بجيٽ ڪاٿي خرچ ٿئي ٿي سنڌ جا حڪمران  سنڌ کي ٻنھي ھٿن سان لٽي  رھيا آھن آھن هن چيو ته  ھاڻي سنڌ جي عوام کي وڌيڪ لٽجڻ ۽ ڦرجڻ نه ڏينداسين ڪرپشن سنڌ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي ھر آفيسر ڪرپشن ۾  حڪمرانن سان  اڌوڌ ڀائيوار آھي سنڌ جا حڪمرانو ڊڄو ان ڏينھن کان جنھن ڏينھن سنڌ جو عوام بنگلاديش ۔سريلنڪا ۽ نيپال وانگر توھان کي ڳچيء مان وٺي روڊن تي گھلي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.