آل سنڌ ميوزڪ ٽيچرس طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر ) آل سنڌ ميوزڪ ٽيچرس طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪامران خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ سرڪار جي اعلان بعد آئي بي اي ذريعي لکت  ۽ پريڪٽيڪلي ٽيسٽون ورتيون ويون، جنهن ۾  پوري سنڌ جي 2000 کان مٿي راڳين حصو ورتو پر قابليت تي 319 راڳي پاس ٿيا. هنن ٻڌايو ته  پاس ٿيل اميدوارن کي تعليم جي وزير سيد سردار شاهه آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ گهرائي پنهنجي هٿن سان آفر آرڊر ڏنا، جنهن کي  ٻه سال ٿي ويا آهن پر نوڪري ناهي ڏني وئي، جولائي ۾ ڳالهيون ٿيون، سرڪاري وفد خاطري ڪرائي  پر هن وقت تائين آفر ليٽر ناهن ملي سگهيا،  اسان کي چپ ڪري ويهڻ جو چيو ويو آهي پر اسان چپ ڪري نه ويهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.