اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي، پيٽرول 264 رپيا 61 پئسا في ليٽر تي برقرار آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 78 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 272 رپيا 77 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي .