ڏکڻ پنجاب ۾ وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، سکرملتان موٽروي پاڻي هيٺ

ملتان(م ڊ) ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن، هڪ نوجوان لڙهي ويو. موٽروِي ايم-5 کي  جلال پور پير والا  جي ويجهو ٻوڏ جي ڪري بند ڪيو ويو آهي. موٽروي پوليس جي ترجمان موجب، ٽريفڪ کي متبادل رستن تان گذاريو پيو وڃي. رجمان ٻڌايو ته نارٿ بائونڊ  تي ٽريفڪ کي اچ شريف، جهانگيرا ۽ جلال پور انٽرچينج  تان موڙيو پيو وڃي. ساوٿ بائونڊ  تي ٽريفڪ کي شاه شمس، شير شاه ۽ شجاع آباد ڏکڻ تان متبادل رستن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف،  شجاع آباد  جي علائقي  جلال پور خاڪي  ۾ هڪ نوجوان ٻڏي ويو. ريسڪيو ادارن  موجب، نوجوان جانورن کي پاڻي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي گهري پاڻي ۾ هليو ويو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو. پنجاب ۾ ٻوڏ سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملتان جي تعلقي جلالپور پيروالا وٽ ايم-فائيو موٽروَي کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم اي مطابق موٽروَي کي بچائڻ لاءِ اپاءُ جاري آهن. ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي، ملتان جي تعلقي شجاع آباد ۽ جلالپور پيروالا ۾ ٻوڏ ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن سبب هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن. لياقت پور ۾ چناب درياءُ ۾ اوچي درجي ٻوڏ سبب پاڻي منچن بند سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سان ڪيترن ئي هنڌن تي بند ۾ گهارو پئجي ويو ۽ 300 کان وڌيڪ گهر ٻڏي ويا آهن.متاثر ٿيل ماڻهن منچن بند تي پکا اڏي ڇڏيا آهن، جڏهن ته تعلقي علي پور ۾ سوين ڳوٺ پاڻي جي ور چڙهي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.