ڪچي مان 5269 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي:سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته صوبائي حڪومت سڀني بئراجن جي صورتحال تي نظر رکي رهي آهي، سنڌ حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ بچاءُ، امداد ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ مڪمل طور تي مصروف آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته گڊو بئراج تي وڏي سطح ۽ سکر بئراج تي وچولي سطح جي ٻوڏ جاري آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ گهٽ سطح جي ٻوڏ جاري آهي.هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪچي وارن علائقن مان 5269 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا آهن، هن وقت تائين منتقل ڪيل ماڻهن جو ڪُل انگ 163,364 ٿي ويو آهي، ڪچي وارن علائقن مان 252 ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو، رليف ڪئمپن ۾ موجود ماڻهن جو ڪُل انگ 469 آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت 177 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ سائيٽس قائم ڪيون آهن جتي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6,596 مريضن جو علاج ڪيو ويو، هن وقت تائين ڪل 84,118 مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11,569 ڍورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن وقت منتقل ڪيل ڍورن جو انگ 438,835 تائين پهچي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 51,308 ڍورن کي ويڪسين ۽ علاج فراهم ڪيو ويو، جنهن سان ڪُل انگ 1,232,223 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.