ملڪ ۾ 30 سيپٽمبر تائين چوماسي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي/اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي 30 سيپٽمبر تائين چوماسو سسٽم جاري رهڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي کانپوءِ پنجاب ۾ برسات جي هڪ ٻئي اسپيل جي اڳڪٿي سامهون آئي آهي. آچر ڏينهن پي ڊي ايم اي پنجاب طرفان ٻڌايو ويو ته 16 کان 19 سيپٽمبر تائين درياهن جي مٿانهن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جنهن تي سڄي صوبي جي علائقائي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ان اسپيل سان درياهن جي سطح بلند ٿيڻ جو امڪان ۽ ٻوڏ جا به خدشا آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ چوماسي جو سلسلو 30 سيپٽمبر تائين رهندو. موسميات کاتي موجب شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿي چڪيون آهن، ڏکڻ اولهه پاسي کان 15 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن. موسميات کاتي موجب چوماسي جو ايندڙ اسپيل 5 ڏينهن ۾ شهر ۾ ڪڪر وسائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.