اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاران پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي فون ڪال عالمي سياست ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي حالتن تي ڳالهيون ٿيون، پر سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي فون عام سفارتي رابطو نه پر هڪ اهم پس منظر رکي ٿي. ذريعن موجب، روبيو جي فون ڪال عرب ليگ جي وزيرن جي گڏجاڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ٿي، جنهن ۾ قطر تي اسرائيلي حملي کانپوءِ گڏيل حڪمت عملي جو جائزو ورتو پيو وڃي. ان اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم کي به خاص دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي وزير فوري اسرائيل جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته آمريڪا پاڪستان کي جذباتي پاليسي کان پاسو ڪرڻ ۽ محتاط سفارتڪاري اختيار ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي. يعنيٰ جيڪڏهن کين مسلمان امت جو اڳواڻ بڻجڻ جو شوق آهي ته اهو اوهان کي ڳچي ۾ پئجي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اڪيلا ئي اهڙا ملڪ آهن جيڪي اسرائيل بابت مسلم دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري آمريڪا پاڪستان کي نرم دٻاءُ ۾ رکڻ چاهي ٿو. سفارتي تجزيا ٻڌائين ٿا ته هي فون ڪال هڪ قسم جي ”شوگر ڪوٽڊ تڙي“ هئي، جنهن ذريعي آمريڪا پاڪستان کي ياد ڏياريو ته اولهه دنيا وٽ پاڪستان جي اندروني ڪمزورين (معاشي ۽ سياسي) تي هٿ رکيل آهي، جيڪي ڪنهن به وقت اٿلي سگهن ٿيون. سياسي مبصرن موجب، ايندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهن ڇو ته هاڻي دنيا ۾ طاقت جا مرڪز بدلجي رهيا آهن، ۽ پاڪستان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو رڳو اولهه جي دٻاءَ هيٺ رهندو يا وري عرب ملڪن سان گڏجي نئون رستو اختيار ڪندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو