درياءُ ۾ چاڙهه، بند ٽٽي پيا، ڪچو ٻڏي ويو، دادو ويجهوعورت ڌيءُ سميت فوت

 ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) پنجاب جي دريائن مان ايندڙ وهڪرا سنڌ جي مختلف هنڌن تي پکڙجي رهيا آهن، ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. گڊو بيراج تي اوچي، سکر بيراج تي وچولي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي. رپورٽ موجب سکر وٽ ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن جو زميني رابطو ختم ٿي ويو آهي. سکر ڊويزن مان هن وقت تائين 75 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۽ لڳ ڀڳ 3 لک چوپائي مال کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. گهوٽڪي ۾ قادرپور ۽ رونتي جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، جنهن سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. دادو جي تعلقي ميهڙ جي ڪچي واري علائقي ۾ به درياءُ جي سطح وڌي وئي آهي، جڏهن ته 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو سيوهڻ طرف وڌي رهيو آهي، جنهن سبب ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو انديشو آهي. نواب شاهه ۾ به ٻوڏ سبب 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، متاثرن کي سندن گهر جو سامان، مال متاع، ۽ اناج سان گڏ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. نوشهرو فيروز ۾ ڀورٽي ڀرسان زمينداري بند ٽٽي پيو.  جنهن سبب پنج ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن، جڏهن ته متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي. دادو ۾ ٻوڏ متاثر ڪچي جي ڳوٺ ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ان جي ٽي ورهين جي ڌيءَ فوت ٿي ويون، جڏهن ته لاڙڪاڻو ۾ عاقل آگاڻي ۽ نصرت بند جي سامهون 20 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. رپورٽ موجب پنجند جي مقام تي پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي جاري آهي، جتي 4 لک 22 هزار 552 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ واڌ بعد مٿاهون وهڪرو 6 لک 12 هزار 269 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 5 لک 82 هزار 942 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ساڳئي وقت سکر بئراج تي پاڻي جي اچ وڃ 4 لک 88 هزار 820 ڪيوسڪ ۽ 4 لک 38 هزار 390 ڪيوسڪ رڪارڊ آهي. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 2 لک 74 هزار 129 ڪيوسڪ ۽ ڊيلٽا لاءِ روانگي 2 لک 61 هزار 399 ڪيوسڪ نوٽ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.