اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت اين 25 شاهراهه جي منصوبي کانپوءِ هڪ ٻئي وڏي منصوبي لاءِ نئون ٽيڪس لڳائڻ جو ارادو ظاهر ڪري ورتو، ذريعن موجب، حڪومت اسلام آباد ۾ ميڊيڪل ڪمپليڪس اڏڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ ميونسپل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کان اسلام آباد ۾ نئون ٽيڪس لڳائڻ جي اجازت گهري آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف حڪومت کان نئين ٽيڪس بابت وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن. ذريعن موجب، ميڊيڪل ڪمپليڪس جي اڏاوت تي 213 ارب رپيا خرچ ايندو، ۽ منصوبي کي ميونسپل ٽيڪس ذريعي مڪمل ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. مالياتي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي 3 سالن دوران منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊن جي کوٽ آهي، ان ڪري هنگامي فنڊ مان 30 ارب رپيا جاري ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزارت منصوبي کي پي ايس ڊي پي جو حصو بڻائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته 76 ملين ڊالر پانڊا بانڊز مان امڪاني منافعو به منصوبي لاءِ استعمال ڪرڻ جو امڪان آهي.
-
ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت آءِ ايم ايف جي محتاج
اسلام آباد (بيورو) ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان جلد ڳالهه ڪئي ويندي ته جيئن ٻوڏ متاثر ماڻهن کي رليف ملي سگهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هڪ مهيني لاءِ بجلي جا بل مڪمل معاف ڪرڻ يا رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ذريعن موجب شهر هجن يا ڳوٺ، رليف سڄي پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏنو ويندو، وفاقي حڪومت بجلي بلن ۾ وڏو رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ جنرل سيلز ٽيڪس، ايف سي سرچارج ۽ فڪس چارجز ختم ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي، وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بجلي بلن تي ٽيڪسن جي خاتمي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، فوري طور تي ٽيڪس معاف ڪيا ويندا، بلن ۾ رليف وفاقي حڪومت ڏيندي، جڏهن ته لينڊ ريوينيو صوبائي حڪومت معاف ڪندي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اضافي بلن جو به نوٽيس ورتو ويندو.
-
حڪومتي قدمن جو اثر نه ٿيو، کنڊ وڌيڪ مهانگي
اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ حڪومت جا سمورا قدم ۽ دعوائون بيڪار ثابت ٿيا آهن ۽ هڪ هفتي دوران کنڊ وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اگهه تي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، کنڊ جي درآمد جي اجازت سميت حڪومت جا سڀ قدم بي اثر رهيا آهن ۽ مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه بدستور حڪومت جي مقرر ڪيل ريٽ کان وڌيڪ آهي، وفاقي شماريات واري اداري موجب هڪ هفتي دوران کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 2 رپيا 65 پيسا في ڪلو واڌ ٿي ۽ ملڪ ۾ اوسط اگهه وڌي 184 رپيا هڪ پيسو في ڪلو ٿي ويو آهي، شماريات جي اداري موجب کنڊ جي وڌ کان وڌ قيمت 195 رپيا في ڪلو تي برقرار رهي ۽ ڪراچي جا رهواسي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 195 رپيا في ڪلو تائين کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، اداري موجب گذريل هفتي اوسط اگهه 181 رپيا 36 پيسا في ڪلو هو، جيڪو هن هفتي 2 رپيا 65 پيسا وڌي 184 رپيا هڪ پيسو في ڪلو ٿيو آهي، اداري موجب هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي اوسط قيمت 142 رپيا 28 پيسا في ڪلو هئي، پنجاب ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ قيمت 190 رپيا في ڪلو تائين آهي، جڏهنته گذريل مهيني کنڊ جي سرڪاري ريٽيل قيمت 175 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي هئي.