واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي 50 سيڪڙو ٽيرف کان پوءِ ڀارت ۽ آمريڪا جا ٻه طرفا لاڳاپا غيريقيني واري صورتحال جو شڪار آهن.
ان وچ ۾ صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي سرجيو گور کي ڀارت لاءِ سفير مقرر ڪرڻ کانپوءِ به صورتحال ۾ تبديلي نه آئي آهي.
خميس ڏينهن سرجيو گور جي مقرري جي تصديق لاءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ هن ساڳيا آمريڪي مطالبا ورجايا جيڪي دهلي لاءِ پريشان ڪندڙ آهن.
سرجيو گور چيو ته ڀارت آمريڪا جو هڪ اهم ڀائيوار آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري واپاري ڳالهين جا نتيجا جلد سامهون ايندا، پر هن هن آمريڪا جي اِهو مطالبو پڻ ورجايو ته ڀارت کي روس کان تيل جي خريداري بند ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڀارت کي روس کان تيل خريدڻ کان روڪڻ آمريڪا جي پهرين ترجيح آهي.
سرجيو گور موجب، صدر ٽرمپ ڀارتي واپارين کي ٽريڊ ڊيل تي ڳالهين لاءِ آمريڪا گهرايو آهي.
گور وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ آمريڪا توانائي واري شعبي ۾ ڀارت جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار بڻجي سگهي ٿو.
آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ۾ پنهنجي مقرري جي تصديقي ٻڌڻي دوران سرجيو گور چيو ته ڀارت، آمريڪا جو اهم ڀائيوار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت جاري ڳالهين جو نتيجو جلد سامهون ايندو.
سرجيو گور چيو ته جيڪڏهن سندس مقرري جي تصديق ٿئي ٿي ته هو ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڪم ڪندو.
سينيٽ آڏو سرجيو گور جو تعارف ڪرائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته سرجيو گور صدر ٽرمپ جو ويجهو آهي ۽ ڀارت جهڙي ملڪ ۾ نمائندگي لاءِ هو تمام ضروري آهي.
ٻئي پاسي 38 ورهين جي سرجيو گور جي مقرري جي تصديق ٿي وئي آهي، هو ڀارت ۾ سڀ کان گهٽ عمر وارو آمريڪي سفير هوندو ۽ کيس اهڙي وقت ۾ ڀارت جو سفير بڻايو پيو وڃي جڏهن ڀارت ۽ آمريڪي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.