پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ پريتي زنٽا جي ڪِريل حرڪت، ڀارتي به آپي مان نڪري ويا

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ۽ روايتي حريف ڀارت جي ميچ کان اڳ ڀارتين طرفان ٻاراڻين حرڪتن جو سلسلو جاري آهي.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا جي فرنچائز پنجاب ڪنگز آچر ڏينهن شيڊيول ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي يعني پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوسٽ شيئر ڪئي.
فرنچائز اسپورٽس مين اسپرٽ جي ابتڙ قدم کڻندي ميچ واري پوسٽر مان پاڪستان جو لوگو ئي هٽائي ڇڏيو.
پنجاب ڪنگز پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ پاڪستان جي لوگو جي جاءِ تي اڇو باڪس لڳايو، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو لوگو چٽو نظر اچي رهيو آهي.
پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ پريتي زنٽا جي ٽيم جي اهڙي غير اخلاقي حرڪت تي ڪرڪيٽ پرستارن سخت تنقيد ڪئي، جڏهن ته ڀارتي واهپيدارن به فرنچائز کي نشانو بڻائيندي پوسٽ کي بيوقوفاڻو عمل قرار ڏنو.
سخت دٻاءَ ۽ تنقيد کانپوءِ پنجاب ڪنگز پنهنجي پوسٽ تي ڪمينٽس جو سيڪشن ئي بند ڪري ڇڏيو، پر ڪرڪيٽ شوقينن ان عمل کي راند جي روح جي ابتڙ ۽ راند جي وقار کي مجروح ڪرڻ جي برابر قرار ڏئي رهيا آهن.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ گروپ ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. جيڪڏهن ٻئي ٽيمون سپر فور مرحلي ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيون ته 21 سيپٽمبر تي ٻنهي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دنگل ٿيندو.
ان کانسواءِ جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو ته 28 سيپٽمبر تي ايشيا ڪپ ۾ ٻنهي روايتي مخالفن وچ ۾ ٽئين ٽاڪري جو امڪان پڻ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.