سياستدانن جي ٻارن جي ”شاهاڻي زندگي“ ماڻهو مڇرائي ڇڏيا!
کٽمنڊو(م ڊ) نيپال ۾ سياستدانن جي ٻارن جي شاهاڻي زندگي احتجاجي تحريڪ جو سبب بڻي، حڪومت خلاف پرتشدد هنگامن ۽ احتجاجي تحريڪ جو بنيادي ڪارڻ نوجوان نسل، خاص طور تي جنريشن زي جي ڪاوڙ هو، جيڪي وڌندڙ بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت باوجود سياستدانن جي ٻارن يعني نيپو ڪڊز جي شاهاڻي زندگي ڏسي جذباتي ٿي پيا، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ ايڪس تي لکين وِيوز سان گڏ هئش ٽيگ #PoliticiansNepoBabyNepal ۽ #NepoBabies وائرل ٿي ويا، وائرل پوسٽن ۾ عام نيپالي عوام جي غربت ۽ قدرتي آفتن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي ڏيکاريندي انهن جو مقابلو سياسي خاندانن جي ٻارن جي مهانگين ڪارن، ڊزائنر بيگز ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلون گذارڻ سان ڪيو ويو، شوشل ميڊيا تي شرنخلا کتيواڙا (اڳوڻي مس نيپال ۽ صحت واري وزير بيرودھ کتيواڙا جي ڌيءَ کي اشرافيه جي علامت طور سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، سندس گهر کي باهه ڏني وئي ۽ انسٽاگرام تي هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز گهٽجي ويا.