ايمان مزاري ڌيءَ جيان آهي، منهنجي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: جسٽس ڊوگر جي وضاحت

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو آهي ته ايمان مزاري منهنجي ڌيئرن وانگر آهي، پر سندس جي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري طوفان کڙو ڪيو ويو ويو.
جمعي ڏينهن هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وضاحت ڏيندي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو ته گذريل ڏينهن هن کي چيف جسٽس ۽ هڪ وڏي جي حيثيت ۾ايمان مزاري کي سمجهائي رهيو هئس.
واضح رهي ته خميس ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي.
عدالت ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر وچ ۾ تڪرار ۽ جملن جي ڏي وٺ ٿي. ان ئي معاملي تي اڄ وضاحت ڏيندي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو ته ”ڪالهه کان ان ڳالهه کي ڦهلايو پيو وڃي، پر مون ائين ته نه چيو ته مان پڪڙي وٺندس.“
”هادي صاحب (ايمان مزاري جو مڙس) اتي بيٺو هو، مون چيو ته کيس پڪڙي وٺي وڃو نه ته توهينِ عدالت جي ڪارروائي ڪندس.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مون کيس ٻارن وانگر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نه پئي سمجهي، هر هر چئي رهي هئي بنيادي حق، ڇا هن ڪورٽ جا بنيادي حق ناهن.“
چيف جسٽس اهو به چيو ته جيڪڏهن ”توهينِ عدالت جي ڪارروائي“ ڪئي وئي ته ڇوڪريءَ جو ڪيريئر خراب ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.