ڪالاباغ ڊيم بابت گنڊاپور جو بيان پارٽي پاليسي جي خلاف آهي: سلمان راجا

 راولپنڊي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان پارٽي پاليسي جي خلاف آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته سندس خلاف داخل ڪيل سڀ ڪيس ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، هر دفعي نئين تاريخ لڳي ٿي، پر انهن ئي ڪوڙن ڪيسن ۾ سزا به ڏيندا. عدالتن کان ڪا خاص اميد ته ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن عدالتن لاءِ رليف ڏيڻ مجبوري بڻجي ويندو آهي. سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي معتبر ججن جا ٻه خط اهو ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ ۾ عدليه جي آزادي ڪيئن کسجي وئي آهي . سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته عمران خان عوام لاءِ جيل ۾ آهن، جمهوريت ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي لاءِ جيل ۾ آهن. ڪالاباغ ڊيم بابت بيان  پارٽي پاليسي نه آهي. سنڌ ۽ ڪي پي ۾ به ڪجهه ماڻهن کي تحفظات آهن. جيستائين سياسي هم آهنگي اِطمينان پيدا نه ٿئي، اهڙو ڪو منصوبو نه هئڻ گهرجي .

  1. ڪراچي  ۾ بل بورڊز خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست، جواب طلب

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  شهر ۾ عوامي هنڌن ۽ روڊن تي بل بورڊ لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت  ۾  ڪي ايم سي، صدر ٽائون ۽ ٻين جي وڪيلن وڪالت ناما جمع ڪرائي ڇڏيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته تازين برساتن ۾ بل بورڊ ڪرڻ سبب فوتگيون به ٿيون آهن، عوامي هنڌن ۽ روڊن تي بل بورڊ لڳايا ويا آهن، سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي، درخواست شهري ريحان خان پاران داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ڪي ايم سي، ٽائونز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.