ڪراچي(رپورٽر) حڪومت سنڌ امڪاني ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر زرعي کاتي جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ 24 ڪلاڪن ۾ ٻيو اجلاس سڏائي هاءِ فلڊ جي خطري جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو. زرعي کاتي ۾ سڀني عملي جي موڪلن کي رد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي جي ايگريڪلچر جي آفيس، حيدرآباد ۾ "رين ايمرجنسي سيل” قائم ڪيو ويو آهي. وزير زراعت سردار بخش مهر هدايت ڪئي آهي ته مشينري ۽ بلڊوزر هر وقت تيار هجن. سردار بخش مهر چيو ته هنگامي صورتحال ۾ آبادگار مدد لاءِ رابطو ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي 30 ضلعن ۾ ڊائريڪٽرن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻوڏ جي صورتحال سان منهن ڏئي سگهجي. سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ تعلقن جي سطح تي ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد سميت سڀني ضلعن ۾ آفيسر ڊيوٽي تي موجود هوندا. حيدرآباد ۾ ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ پاران 24 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي آبادگارن کي رهنمائي ڏني ويندي.وزير زراعت چيو ته سڀني آفيسرن کي پنهنجي ضلعن ۾ الرٽ رهڻ ۽ آبادگارن سان سڌي ريت رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. آفيسر روزاني بنيادن تي سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو کي رپورٽ پيش ڪندا.