اسلام آباد(م ڊ) موسمي تبديلي جي وفاقي وزير سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ نوابي ڪلچر آهي، دريائن جي ڪناري بااثر ماڻهن جا ريزورٽ آهن، جن کي بچائڻ لاءِ پوريون وسنديون ختم ڪيون ويون.ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيٽر مصدق ملڪ چيو ته ڊيمن ۽ ڪينالن جي معاملي تي صوبن جي وچ ۾ بي اعتمادي آهي، هر صوبي کي ٻين صوبن تي شڪ آهي ته هو انهن جو پاڻي روڪي ڇڏيندو، بلوچستان کي شڪ آهي، سنڌ کي پاڻي ملي ٿو ۽ پوءِ سنڌ انهن کي نٿو ڏئي. دريائن جي ڪناري ڪنهن غريب جو هوٽل ناهي، هر طاقتور ماڻهو جو اتي ريزورٽ آهي، 10 ماڻهن جا ريزورٽ بچائڻ لاءِ پوريون بستيون اجاڙي ويون. مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن تحصيل يا ضلعي سطح تي پاڻي جا ذخيرا نه هوندا ته پوءِ ڇا ڪنداسين؟ اسان کي هر هنڌ تي پاڻي جا قدرتي ذخيرا ٺاهڻا پوندا.