اقليتي عبادت گاهن جي حفاظت رياست ۽ ادارن جي ذميواري آهي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير ڪرتاپور سميت پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ خاطري ڪراچي ته  ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ سمورن مذهبي هنڌن کي ٻيهر اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سيالڪوٽ سيڪٽر، شڪر ڳڙهه، نارووال ۽ ڪرتارپور جو به دورو ڪيو، آرمي چيف جي دوري جو مقصد ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ رليف قدمن جو جائزو وٺڻ هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي ٻوڏ جي موجودا صورتحال ۽ مِينهن جي ايندڙ اسپيل لاءِ تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف متاثر علائقي جي سِک برادري سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اقليتن ۽ سندن مذهبي هنڌن جو تحفظ رياست ۽ ان جي ادارن جي ذميواري آهي، پاڪستان پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو. فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ سمورن مذهبي هنڌن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، درٻار صاحب ڪرتارپور کي ترجيحي بنيادن تي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.