بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) جسقم بشير خان قريشي جسقم جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن طرفان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڏيڻ خلاف الله والا چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا بدين شهر جي مختلف روڊن کان ٿيندي ايوان صحافت بدين پهچڻ کان پوءِ ڊي سي آفيس بدين پهتي، ڊي سي آفيس جي مکيه گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ جسقم بشير خان قريشي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بدين ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ جو مقصد صرف اهو ئي آهي ته سنڌ خلاف سدائين سازشون ٿينديون رهيون آهن هن وقت 6 غير ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو مڪمل طور ختم ٿيڻ جو ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو آهي جنهن تي سنڌ جي عوام کي خدشا آهن جڏهن ته سنڌ جي لکين زمين به ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڏني وئي آهي جيڪا هارين کي ڏيڻ گهرجي ها، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن منصوبا فوري ختم ڪيا وڃن، تحريڪ جاري رهندي انهي موقعي تي جسقم اڳواڻن طرفان ڊي سي آفيس ۾ ياداشت نامون پڻ پيش ڪيو ويو.