ڪراچي ۾ سڀاڻي کان تيز برساتن ۽ ٻوڏ جو الرٽ

ڪراچي/ اسلام آباد (م ڊ) اين ڊي ايم اي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، موسميات کاتي موجب 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات متوقع آهي، جڏهن ته پنجاب جي اترين ۽ اتر اوڀر ضلعن ۾ 30 کان 31 آگسٽ دوران شديد برساتن جو امڪان آهي، اين ڊي ايم اي موجب ڪراچي ۾ 30 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين برساتون متوقع آهن ۽ امڪاني شديد برساتن سبب ڪراچي ۾ ٻوڏ جو به خدشو آهي، اين ڊي ايم اي موجب ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ به 30 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين برساتون متوقع آهن، جڏهن ته حيدرآباد، دادو، سکر، گھوٽڪي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ 30 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين تيز برساتن جو امڪان آهي، اهڙي طرح گوادر، ڪيچ، پنجگور، خضدار، لسٻيلو ۽ قلات ۾ 29 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين برساتون متوقع آهن، خيبر پختونخوا ۾ به 29 کان 31 آگسٽ دوران شديد برساتون متوقع آهن، جڏهن ته ملاکنڊ ۽ هزارا ڊويزن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي، آزاد ڪشمير ۾ مظفرآباد، باغ، حويلي، ڪوٽلي، ميرپور ۽ ڀمبڙ ۾ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين شديد برساتون متوقع آهن، گلگت بلتستان ۾ 29 کان 31 آگسٽ تائين برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.