لاڙڪاڻو(ن ع آ ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آهيون پر جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻا آهن ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم نه پر ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهيو وڃي، سنڌ ڪابينا ۾ في الحال ڪنهن به تبديلي جو امڪان ناهي پر پارٽي قيادت ڪڏهن به سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿي، هن وقت ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي متاثرن سان همدردي آهي، ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پنجاب ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه بنگل ديرو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو جي رهائشگاهه تي منعقد ڪيل پ پ پ ڊويزن لاڙڪاڻو جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي لهندو ۽ چڙهندو آهي ته بندن کي پاڻيءَ کاڌ ڪندو آهي، هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو جنهن ۾ ڀٽي ذات سان واسطو رکندڙ نوجوان کي ماريو ويو جنهن جو دوست دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو، ان واقعي کان اڳ ناريجا ذات سان واسطو رکندڙ همراهه به مري ويو، اسان جي طرفان ردعمل اِهو آهي ته گهرو وزير لاڙڪاڻي اچي ڪري انتظاميه سان ڳالهائي ته لاڙڪاڻي ۾ ائين ڇو ٿو ٿئي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ امن امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي پئٽرول وڌائڻ گهرجي ڇاڪاڻ پوليس کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڏوهاري آهي؟