سعودي ۾ عورتن ڏهه،ڏهه شاديون ڪن ٿيون، پر اسان وٽ مسئلو بڻايو ويو آهي: نشو بيگم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪارا نشو بيگم هڪ ڀيرو وري وڏي عمر ۾ پنهنجي شاديءَ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته شاديءَ جو عمر سان ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن ڀارتي اداڪارا ريکا شادي ڪندي ته هوءَ به چوٿين شادي ڪندي.
نشو بيگم تازو هڪ انٽرويو ۾ چوٿين شاديءَ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ قسم کڻي واضح ڪيو ته هن اڃا تائين چوٿين شادي ناهي ڪئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته سعودي عرب جهڙي ملڪ ۾ عورتن جون ڏهه ڏهه شاديون ٿين ٿيون، طلاق کانپوءِ ٻي شادي ٿي وڃي ٿي، پر اسان وٽ نڪاح کي مسئلو بڻايو ويو آهي.
اداڪاره موجب، پاڪستان جون ڪيترين ئي سينيئر اداڪارائون به وڏي عمر ۾ شاديون ڪري چڪيون آهن، جن ۾ بشريٰ انصاري، انجمن ۽ صائمه احمد سميت ٻيون اداڪارائون شامل آهن.
نشو بيگم جو چوڻ هو ته سندس ٻارن کي به هن جي شاديءَ تي ڪو اعتراض نه هوندو، جڏهن ته هو سندس چوٿين شاديءَ تي خوش ٿيندا.
هن دعويٰ ڪئي ته کيس درجنين ماڻهن طرفان شاديءَ جون آڇون ٿي چڪيون آهن ۽ لڳاتار کيس شاديءَ جون آڇون اينديون رهن ٿيون.
اداڪاره ٻڌايو ته هوءَ شاديءَ جي آڇ کي رد ڪرڻ جي مزي کي انجواءِ ڪري رهي آهي ۽ في الحال سندس چوٿين شاديءَ جو ڪو ارادو ناهي.
نشو بيگم وڌيڪ چيو ته شاديءَ جو عمر سان ڪو واسطو ناهي، هوءَ ڪنهن به وقت شادي ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڀارتي اداڪارا ريکا شادي ڪندي ته هوءَ به شادي ڪري وٺندي.
نشو بيگم ان کان اڳ به پنهنجي چوٿين شادي بابت ڪيترائي ڀيرا ڳالهائي چڪي آهي ۽ اهو دعويٰ به ڪندي رهي آهي ته کيس اڃا تائين شاديءَ جون آڇون ٿينديون رهن ٿيون.
واضح رهي ته نشو بيگم ٽي شاديون ڪيون، سندس پهرين شادي امام رباني سان ٿي هئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ آهي، جڏهن ته اها شادي رڳو هڪ سال ئي هلي.
هن ٻي شادي شاعر تسليم فاضلي سان ڪئي، جيڪو ڀارتي شاعر ندا فاضلي جو ننڍو ڀاءُ هو، پر سندس مڙس رڳو 32 ورهين جي عمر ۾ دل جي دوري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو.
نشو بيگم ٽِين شادي فلمساز ڪاظم پاشا سان ڪئي، جيڪا سندس مڙس جي حياتي تائين قائم رهي، سندس ٽيون مڙس به دل جي بيماري سبب فوت ٿي ويو، کيس ٻئي مڙس مان به ٻارڙا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.