اڳوڻي ايم اين اي رميش ڪمار جي گهر مان ڪروڙن جو ڌاڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار جي گهر ۾ ڌاڙو، هٿياربند ٻه ڪروڙ ماليت جو سامان ٻُهاري ويا.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي رميش ڪمار ٻڌايو ته ٽي هٿياربند گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، ڦورن گهر مان پنج گھڙيون، چشمـا ۽ جوتا کڻي ويا، جن جي ماليت ٻه ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي.
اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر جو چوڻ هو ته ڦورن ملازمن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کانئن منهنجي باري ۾ پڇندا رهيا.
رميش ڪمار موجب، ٽيئي ڦورو پاڻ ۾ پشتو ٻولي ڳالهائي رهيا هئا.
پوليس اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر جي گهر ۾ ڌاڙي جو ڪيس داخل ڪري ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.