شارجا(ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جو پهريون ميچ29 آگسٽ (سڀاڻي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان، افغانستان ۽گڏيل عرب امارتن(يو اي اي) وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز ٽرافي جي شارجا اسٽيڊيم ۾ مهورت ٿي.
ٽرافي جي مهورت کانپوءِ گڏيل پري سيريز پريس ڪانفرنس دوران سلمان علي آغا چيو ته اسان جي ٽيم گذريل ٽن سيريز ۾ بهترين راند کيڏي آهي.
سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم ماضي ۾ به شرجا ۾ کيڏندي رهي آهي، اسان هتي اچي ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ ٽه ملڪي سيريز ۾ بهترين نتيجن لاءِ پراميد آهيون.
هن چيو ته اڳوڻن ڪرڪيٽرز ۽ مداحن جا پنهنجا رايا آهن، پاڪستان جي نئين ٽيم ٺهي رهي آهي، هن ايونٽ ۾ شوقينن کي هڪ سٺي ٽيم کيڏندي نظر ايندي.
پاڪستاني ڪپتان وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ کان اڳ ٽه ملڪي سيريز کيڏڻ ميگا ايونٽ لاءِ مناسب تياري آهي، اسان جي تياري مڪمل آهي ۽ نتيجا به سٺا ايندا.
سلمان علي آغا قيادت کي پنهنجي لاءِ اعزاز ۽ ذميواري قرار ڏيندي چيو ته شارجا جي گرم موسم ڪو مسئلو ناهي، هڪ رانديگر طور موسم ڪڏهن به جواز نه ٿي سگهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان اسان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي، قومي ٽيم هن وقت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.
ٽه ملڪي سيريز، شوقينن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي هن واري سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي: سلمان علي
You might also like