ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته امڪاني ٻوڏ جو خطرو موجود آهي پر عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، سنڌ حڪومت مڪمل الرٽ تي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه سڄي صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آبپاشي وزير کي فِيلڊ ۾ موڪليو ويو آهي، هو بئراجن جو دورو ڪري رهيو آهي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ٻوڏ سان گڏ جيڪڏهن مينهن به وسيو ته ان لاءِ به مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ تباهي ٿي آهي، اسان پنجاب حڪومت سان گڏ بيٺل آهيون ۽ مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهيون، رليف لاءِ سڀئي بنيادي سهولتون موجود آهن، ٻيڙين جو به بندوبست ڪيو ويو آهي، عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، وڏي وزير طرفان هڪ مانيٽرنگ سيل به قائم ڪيو ويو آهي، 2010ع واري ٻوڏ ۾ به وڏي تباهي ٿي هئي.
صوبائي وزير چيو ته ڊيم ٺاهڻ بابت ٽي صوبا اڳ ئي اسيمبلي ۾ ٺهرائن وسيلي خدشن جو اظهار ڪري چڪا آهن، ڊيم موجود هجي ها تڏهن به آفتن کان مڪمل بچاءُ ممڪن نه هو، درياهه جي فطري لنگهن تي آبادي يا سوسائٽيون نه ٺاهڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري به سمورن لاڳاپيل ماڻهن سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي، جڏهن ته سڀني اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي علائقن ۾ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
You might also like