اسلام ڪوٽ (ت،ر) اسلام ڪوٽ ۾ عورت پاران ڇيڙڇاڙ جو الزام ھڻي پوليس وٽ درخواست داخل ڪرائڻ بعد نوجوان ذھني دٻاءُ ۾ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪالهه ڪولهي پاڙي ۾ 24 ورهين جي نوجوان دليپ ولد مڪو ڪولهي پريشانين کان تنگ تي پنهنجي گهر جي چوئنري ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان جي چاچي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀائٽي بااثرن جي ذهني دٻاءُ سبب تنگ تي ڦاهو کاڌو آهي، 20 ڏينهن اڳ سندس زال به خودڪشي ڪئي، جنهن بعد بااثرن سندس خلاف فيصلو ڪيو جنهن ۾ ڀائٽي کي زبردستي ڏوهي ٺاهي مٿس پنج لک ڏنڊ وڌو جنهن مان ٻه لک ڪجھه ڏينهن اڳ ڏنا ويا، باقي ٽي لک روپيا سڀاڻي ڏيڻا هئا، انڪري هو پريشان هو، مٿان وري اڄ ٻيو واقعو ڪنڌ ۾ وڌو ويو، برادري جي هڪ مخالف عورت منهنجي ڀائٽي تي ڇيڙڇاڙ جو الزام هڻي پوليس وٽ شڪايت ڪئي جنهن لاءِ ون فائيو ٿاڻي تي پوليس گهرايو هو، اسين ٻئي ڌريون فيصلي لاءِ ٿاڻي تي موجود هئاسين ته پٺيان منهنجي ڀائيٽي ڦاهو کاڌو، اسان سان ظلم ٿيو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي پوليس الزام هڻندڙ عورت جي مڙس چيتن ڪولهي کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.