ڪيسن جا فائل چوري ٿي ويا، پاڪستان جو ڪهڙو تاثر پيا ڏيون؟سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس نعيم اختر افغان هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته عدالت  کي ڪيس هلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون ۽ رستي مان ئي ڪيس جا فائيل چوري ٿي ويا. هي رمارڪس جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ۾ ڏنا جنهن ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل هئا. ٻڌڻي جو معاملو هڪ نجي ڪمپني جا حصص (شيئرز) وٺڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرن جي چونڊ سان لاڳاپيل هو. ايڊووڪيٽ احسن ڀون ٻڌايو ته سوين صفحن تي ٻڌل هڪ ڌار درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي جسٽس نعيم اختر افغان سوال ڪيو ته ڇا اهو اهو ئي ڪيس آهي، جنهن ۾ ڪمپني جي ڊائريڪٽر کي آمريڪا ۾ هراسان ڪرڻ جي الزام بعد ڪڍيو ويو هو؟ اهڙي نوعيت جو هڪ ڪيس منهنجي بئنچ اڳيان اڳي به آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به هراسان ڪرڻ جي ثابتي کانپوءِ گورن خلاف ڪارروائي جو ڪيس هليو هو، جتي ٿاءِ لينڊ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو. جسٽس افغان پڇيو ته ڇا اهي ساڳيا ماڻهو آهن جن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهو ڪيس داخل ڪيو؟ نٿو سمجهه ۾ اچي ته اسين پاڪستان جو ڪهڙو تاثر پيدا ڪري رهيا آهيون؟ وڪيلن جواب ڏنو ته "ها، اهي ساڳيا صاحب آهن. ان موقعي تي جسٽس نعيم اختر افغان پڇيو ته ڇا ضياءُ الدين چشتي عدالت ۾ موجود آهن؟ اچو ته انهن جو ديدار ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ زير التوا سڀني لاڳاپيل ڪيسن کي گڏ ڪري وٺون ته جيئن نيڪ نيت ۽ بدنيت ڌرين کي سڃاڻڻ آسان ٿي وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس کي هلڻ کان روڪڻ لاءِ رستو اختيار ڪيو ويو ۽ فائيل رستي مان چوري ٿي ويا.وڪيل شهزاد شوڪت چيو ته چوري نه پر ڌاڙو لڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.