”نون صوبن جو رينگٽ بند ڪري 1940ع جي قرارداد تي عمل ڪيو وڃي“

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڪاشف ملاح، پرهه سومرو ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته انتظامي معاملن جو حل نون صوبن بدران 1940ع جي قرارداد تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. 1940ع جي لاهور قرارداد پاڪستان جي آئين جو روح هجڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان ان قرارداد کي آمرن ۽ نام نهاد جمهوري حڪمرانن ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڪستان کي مظلوم قومن جو قيدخانو بڻايو ويو، هنن چيو ته اسٽيبلشمينٽ، قائداعظم جي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ کي عالمي سامراجي طاقت جي مدد سان يرغمال بڻايو. قومن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ون يونٽ مڙهيو ويو. پاڪستان ۾ سدائين سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت آمريت مسلط رهي، جنهن جو نتيجو 1971ع ۾ ملڪ ٽٽڻ جي صورت ۾ نڪتو. ملڪ ٽوڙيندڙ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ بدران اقتدار ڏنو ويو ۽ بچيل ملڪ کي به تباهه ڪيو ويو. هاڻ وري وفاقي سرڪار نون صوبن جي مهم هلائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.