نوان صوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين:جي يو آءِ سنڌ

سکر (رپورٽر ) جي يو آءِ  سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر  اي جي انصاري چيو آھي ته نون صوبن جو شوشو 73ع جي آئين خلاف آهي، اهي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبا. هن اھڙن خيالن جو اظهار جامعه شيراز ۾ جي يو آءِ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي جي يو آءِ جي اڳواڻن مولانا سليم الله بروهي، اسدالله حيدري، عرفان علي لوهر، محڪم الدين بروهي ۽ ٻين عالمن ۽ دانشورن پڻ خطاب ڪيو، ڊاڪٽر اي. جي. انصاري چيو ته نون صوبن جي قيام لاءِ صوبائي اسيمبليز، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضروري آهي، جيڪو ناممڪن آهي،هن چيو ته اڳ به ون يونٽ ٺاھي صوبن ۾ نفرتون پيدا ڪيون ويون ھيون ان جو نتيجو بنگلاديش جي صورت ۾ مليو. ھن چيو ته جيڪڏهن زبردستي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.