لاهور(مزمل سهروردي)پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ ميجر(ر)خرم روکڙي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا گهڻا ماڻهو پارٽي ڇڏڻ چاهين ٿا،ننڍي چونڊ ۾ پنجاب ۾ تقريبن سمورين سيٽن تي ن ليگ کٽي ويندي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته 27هين ترميم ضروري آهي،اها ترميم نه ٿي ته هي نظام ختم ٿي ويندو،شهبازشريف ۽ عاصم منير جا لاڳاپا بهترين آهن،نومبر ڊسمبر ۾ معاملا واضح ٿي ويندا،وفاق جا هٿ پير ٻڌل آهن،هن چيو ته ارڙهين ترميم واري معاملي تي پ پ ٽڪراءَ واري حد تائين نه ويندي،اها ترميم هڪدم ختم نه ٿيندي،ان ۾ جن شقن سان وفاق ڪمزور ٿئي ٿو اهي ختم ڪيون وينديون،پ پ ان تي ڪو وڏو اشو نه اٿاريندي،هن چيو ته پ پ کي آن بورڊ ڪري طاقتور هلندا،عمران خان جي پارٽي تي گرفت ڪمزور ٿي چڪي آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 27 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو