تنقيد ڪرڻ وارن کي پئسا ملندا آهن، کين جواب ڏئي مشهور نه ٿو ڪرڻ چاهيان: همايون سعيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته هو پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد تي مسڪرائيندو آهي هو تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي کين مشهور نٿا ڪرڻ چاهي جڏهن ته تنقيد ڪندڙن کي به پئسا ملندا آهن.
ويجهڙ ۾ همايون سعيد هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ڊرامي ”مين منٽو نهين هون “ سميت ٻين موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن چيو ته هو پهريون ڀيرو صنم سعيد ۽ سجل علي سان ڪم ڪري تمام گهڻو خوش آهيان، جڏهن ته صائمه نور سان به ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو.
اداڪار موجب، هڪ سياستدان دوست کيس فون ڪري ”منٽو“ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ هو حيران هو ته هن اهڙو ڪردار ڪيئن ڪيو آهي.
پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد بابت سوال تي همايون سعيد چيو ته هو تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي کين مشهور نه ٿو ڪرڻ چاهي ۽ نه ئي پاڻ خبرن ۾ رهي شهرت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته هاڻي کيس تنقيد سان ڪو به فرق نٿو پوي، ڇوته تنقيد ڪندڙ گهڻو ڪري سندس دوست ۽ ساٿي اداڪار هوندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اداڪاري تي تبصرا ڪندڙن کي تنقيد ڪرڻ جا به پئسا ملندا آهن، تنهنڪري سندن روزگار به ان سان جڙيل آهي.
همايون سعيد جو چوڻ هو ته تجزئي نگارن کانسواءِ ٽي وي شوز ۽ يوٽيوب تي به تنقيد ڪندڙ پئسا ڪمائن ٿا، انڪري هو کين جواب ناهي ڏيندو، ڇو ته اِهو سندن روزگار جو ذريعو آهي.
جيتوڻيڪ اداڪار چيو ته تنقيد ڪندڙن کي پئسا ملن ٿا، پر هن ڪنهن جو نالو نه ورتو ۽ چيو ته هاڻي هو پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد تي مسڪرائيندو آهي.
واضح رهي ته همايون سعيد کي عام طور تي وڏي عمر هئڻ باوجود به هيرو طور ڪم ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، جڏهن ته ڪجهه اداڪار ۽ تجزئي نگار سندس اداڪاري تي به تنقيد ڪندا رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.