ڪراچي جي سڀني ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ستن ئي ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.
صحت واري وزارت جي ذريعن موجب شهر جي 7 ضلعن جي مختلف هنڌن تان 78 ماحولياتي نمونا ورتا ويا هئا، اوڀر ضلعي مان 24، ڪياماڙي مان 15، ڏکڻ ضلعي مان 14، ڪورنگي مان 7، ملير مان 7، وچ ضلعي مان 6 ۽ اولهه مان 5 نمونا ورتا ويا هئا.
صحت واري وزارت جي ذريعن چيو ته جاچ ۾ سمورا ماحولياتي نمونا پوليو وائرس سان متاثر نڪتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.