راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان پارٽي کي قومي اسيمبلي جي سڀني ڪميٽين سان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان کي شير شاهه ۽ شاهه ريز جي گرفتارين بابت ٻڌايو، هو بشريٰ بي بي لاءِ به پريشان آهي.
سندس موجب عمران خان سزائن ۽ نااهلين تي چيو ته پاڪستان ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو، جڏهن ته محسن نقوي ڪرڪيٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو آحي.
عليما خان چيو ته عمران خان پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي سڀني ڪميٽين سان استعيفيٰ ڏني وڃي، بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا کي عمران خان هدايتون ڏنيون آهن ته ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي انهن چونڊن کي قانوني جواز فراهم نه ڪرڻ گهرجي.
You might also like