هانيا عامر اڃا ننڍڙي آهي، کيس ڳٽن ۽ چپن جي سرجري نه ڪرائڻ گهرجي: فضيلا عباسي

ڪراچي ويب ڊيسڪ) اداڪار حمزا علي عباسي جي ڀيڻ ۽ اسڪن ڊاڪٽر فضيلا عباسي هانيا عامر کي صلاح ڏني آهي ته هوءَ هينئر کان ئي ميڪ اپ پراسيجرز ڪرائڻ جي چڪر ۾ نه پوي ۽ قدرتي خوبصورتي کي برقرار رکي.
فضيلا عباسي تازو هڪ مختصر سيشن ۾ پاڪستاني اداڪارائن بابت پڇيل سوالن تي پنهنجون تجويزون ڏنيون.
ماهرا خان بابت سوال تي هن چيو ته هوءَ نهايت خوبصورت آهي ۽ کيس ڪنهن به قسم جي پراسيجر ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو ماهرا خان بابت چون ٿا ته کيس نَڪ جي سرجري ڪرائڻ گهرجي، پر سندس خيال ۾ ان ڪا ضرورت ناهي.
هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه شيون ٻين کي غلط لڳن ٿيون پر اهي فطري طور پنهنجي جاءِ تي درست لڳن ٿيون، تنهنڪري ماهرا خان کي نه ميڪ اپ پراسيجرز جي ضرورت آهي ۽ نه ئي پلاسٽڪ سرجري جي.
هانيا عامر بابت سوال تي فضيلا عباسي دٻيل لفظن ۾ چيو ته هن کي پنهنجي قدرتي خوبصورتي برقرار رکڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته هانيا عامر به ڏاڍي خوبصورت آهي، پر هوءَ ڳلن يا چپن جا فلرز ڪرائڻ لاءِ اڃا ننڍي آهي، کيس پنهنجي قدرتي نسوانيت تي ئي ڀاڙڻ گهرجي.
فضيلا عباسي چيو ته اڄڪلهه ڪئميرا جو مقابلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هر ڪو ڪئميرا تي اچڻ لاءِ گهڻي محنت ڪري ٿو.
هن چيو ته جيستائين هانيا عامر پنهنجي قدرتي نسوانيت ۽ خوبصورتي کي برقرار رکي سگهي، تيستائين رکي، ڇو ته اڃا سندس عمر ميڪ اپ پراسيجرز لاءِ ناهي.
فضيلا عباسي جي طرفان هانيا عامر جي خوبصورتي بابت تبصرو ڪرڻ ڪجهه ماڻهن شڪ ظاهر ڪيو ته شايد اداڪارا اڳ ۾ ئي ميڪ اپ پراسيجرز يا پلاسٽڪ سرجري ڪرائي چڪي آهي، تنهنڪري ڊاڪٽر کيس اهڙي صلاح ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.