افغانستان مان دراندازي جي ڪوشش ناڪام، 47 دهشتگرد ماريا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ خارجين جي بارڊر پار ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 47 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
سيڪيورٽي فورسز موجب ڪارروائي بلوچستان جي علائقي سمبازا ۾ ڪئي وئي، جتي دهشتگردن جو وڏو انگ بارڊر ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ماريل دهشتگردن ۾ اڪثريت افغان شهرين جي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بارڊر تي ٿيندڙ ان ڪارروائي ۾ مارجي ويل اڪثر دهشتگردن جا لاش افغانستان ڏانهن ڪِريا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب 15 ڏينهن گذرڻ باوجود باوجود افغانستان مان ڪير به انهن دهشتگردن جا لاش کڻڻ نه آيو، ان دوران اهي لاش افغانستان جي حدن ۾ کليل آسمان هيٺ سڙندا رهيا ۽ گوشت خور جانور مارجي ويل دهشتگردن کي کائيندا رهيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيٺ 25 آگسٽ تي افغان اختيارين سان بارڊر تي جرڳي کانپوءِ انهن لاشن کي گڏهن تي افغانستان ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.