ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شرافي گوٺ ۾ 16 سالن جي ٻار تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار، شرافي ڳوٺ واري علائقي ۾ ڪار واش واري دڪان تي پورهيو ڪندڙ 16 سالن جي شاهِد تي بيدردي سان تشدد ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو،پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ غلام رسول جي نالي سان ٿي آهي، جيڪا ڪار واش تي ڪم ڪندڙ شاهِد تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار اسٽريٽ ڪرائمز جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ به ملوث آهي، غلام رسول خلاف مختلف ڪيس داخل آهن، جوابدار علائقي ۾ خوف هراس پکيڙڻ ۾ به ملوث رهيو آهي، عملدارن موجب غلام رسول کانسواءِ واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.