مريم جو جاپاني دورو: وڏو وفد، خاص جهاز، ڪروڙن جي اشتهاري مهم تي تنقيد

لاهور(عوامي آواز نيوز) پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جو تازو جاپان جو دوري سوشل ميڊيا تي وڏي بحث جو موضوع بڻيو آهي۔ صارفن سندس دوري بابت ڪيترائي سوال اٿاريا آهن ۽ لڳي ٿو ته هي سلسلو اڃا رڪيو ناهي۔هڪ پاسي پنجاب حڪومت هن دوري جون خبرون اشتهارن ذريعي اخبارن ۽ ٽيليويزن تي نمايان ڪيون، ته ٻي پاسي دوري جا خرچ ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڪستان ائيرفورس جو خصوصي جهاز به بحث هيٺ رهيو۔پنجاب حڪومت موجب مريم نواز جي دوري سان صوبي ۾ جاپان جهڙي ترقي، صفائي، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جهڙن نظامن مان سکڻ ۾ مدد ملندي۔ مريم نواز يوڪوهاما شهر جو دورو ڪيو، جيڪو جديد ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ شهري ڊيزائن لاءِ مشهور آهي۔جاپاني شهرسازن سان ملاقات ۾ هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي کي يوڪوهاما جي طرز تي ٺاهڻ ۽ سٽي ٽو سٽي تعاون جا امڪان ڳوليا۔پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته مريم نواز ۽ سندن وفد زرعي، ويسٽ مينيجمينٽ، هيلٿ سسٽم، ٽيڪنالاجي ۽ ڊيري انڊسٽري سميت مختلف ادارن جو دورو ڪيو، جتي انهن پنجاب ۾ نوان نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو۔پنجاب حڪومت جي هڪ اعليٰ آفيسر بي بي سي کي ٻڌايو ته مريم نواز ملاقاتن دوران جاپان حڪومت ۽ ماهرن کي پنجاب ۾ سيڙپڪاري لاءِ دعوت ڏني آهي، پر اڃا تائين واضع ناهي ته هي دورو ڪيتري سيڙپڪاري کڻي ايندو؟ ان سان گڏ، دوري کان الڳ هڪ وڏي تشهيري بجيٽ به استعمال ڪئي وئي،اخبارن ۾ مريم نواز جون وڏين تصويرن سان خبرن جي اشاعت تي تنقيد ڪئي وئي ته اها خبر نه پر تشهير آهي، جيڪا صحافتي بدديانتي آهي،پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي جي دوري ۾ مناسب خرچ ڪري وڏي سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ غلطي آهي ته اها غلطي پنجاب حڪومت بار بار ڪندي۔ چين سان ڪينسر علاج، ٽريڪٽر ٺاهڻ ۾ سهڪار، اليڪٽرڪ بسن ۽ ٽرام منصوبا گذريل دوري جي ڪاميابي آهي،صحافي ۽ تجزيه نگار عاصمه شيرازي چيو ته هن دوري ۾ مريم نواز اڃا تائين گهڻي ڀاڱي جاپان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي۔ اصل سوال اهو آهي ته جڏهن ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن ته ڇا واقعي اهي ان جي بدلي ۾ پنجاب لاءِ وڏي سيڙپڪاري آڻي سگهندي؟”وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي جاپان جي دوري دوران اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته ملڪ ۾ ڪيتري سيڙپڪاري ايندي يا ڪهڙو منصوبو ڪڏهن شروع ٿيندو، پر ان جي ابتڙ اخبارن ۽ ٽيليويزن تي سندن گذاريل ڏينهن جي مصروفيتن بابت وڏا وڏا اشتهار شايع ڪيا ويا آهن۔ هڪ نجي چينل جي ملازم ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن وڏو چينل تي اهڙو اشتهار هلي ٿو ته هڪ منٽ جي قيمت لڳ ڀڳ ٽي لک رپيا آهي۔”بي بي سي پاران هن تنقيد بابت ڊي جي پي آر صغير شاهد کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ته هن چيوته پنجاب جي پاليسي موجب وزيراعليٰ جي سڀني منصوبن بابت عوام کي آگاهي پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي، تجزيي نگار عاصمه شيرازي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڳالهه اشتهارن جي آهي ته اهو ته اڳ ئي هڪ مذاق بڻجي ويو آهي، جو وڏي پئماني تي سرمايو اهڙي طريقي سان تشهير تي لڳايو وڃي ٿو،مريم نواز جي هڪ ڏينهن جي مصروفيتن کي اشتهارن ۾ ڏيکارڻ مناسب ناهي۔ ان تي سوال ضرور اٿن ٿا ۽ اپوزيشن کي گهرجي ته حڪومت کان انهن جو جواب طلب ڪري،مريم نواز گهڻن پرڏيهه سرڪاري دورن لاءِ ائيرفورس جو خصوصي جهاز استعمال ڪيو آهي، جنهن تي عوام ۽ سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا هي جهاز سفارش سان ڏنو ويو آهي يا پنجاب حڪومت پئسا ڏئي چارٽرڊ ڪيو آهي؟ وزيراعليٰ پنجاب جي ترجمان عمران اسلم وضاحت ڪئي ته  پنجاب حڪومت ائيرفورس جو جهاز پئسا ڏئي بڪ ڪرائي ٿي۔ ڊگها سفر ۽ ٻين جهازن جي فني خرابين سبب دير ٿيڻ سرڪاري دورن لاءِ مناسب ناهي۔ قانوني طور وزيراعليٰ کي وي آءِ پي فلائٽس استعمال ڪرڻ جو اختيار آهي،ٻئي پاسي هڪ اعليٰ سرڪاري آفيسر، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ٻڌايو ته ڇو ته وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي ۽ هي جهاز وزيراعظم سميت ٻين سرڪاري ڪمن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي، جهڙوڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ يا فوجين جي نقل و حمل لاءِ۔ ان جهاز جي ادائگي ائيرفورس کي ئي ٿيندي آهي، پر مريم نواز جي استعمال جي صورت ۾ امڪان آهي ته ادائيگي پنجاب بدران وفاقي حڪومت ڪندي،عاصمه شيرازي چيو ته اهڙا دورا ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، پر تنقيد تڏهن وڌي ٿي جڏهن وڏو وفد گڏ کڻي ڊگها دورا ڪيا وڃن ۽ ڪمرشل فلائٽ بدران خاص جهاز استعمال ڪيا وڃن۔ جڏهن توهان ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي چوندا آهيو ته سيڙپڪاري ۽ مدد جي ضرورت آهي، پر پاڻ وڏي خرچ سان گڏ وڃو ٿا، ته دنيا کي اهو پيغام ملي ٿو ته توهان وٽ سڀ خرچ  کڻڻ جي سگهه آهي، جيڪو تضاد ڏيکاري ٿو۔هر ڀيري جڏهن وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پرڏيهه جو دورو ڪن ٿيون ته اهو سوال سامهون اچي ٿو ته ٻيا صوبن جا وزيراعليٰ اهڙا دورا ڇو نٿا ڪن؟ ڪيترن جو خيال آهي ته اهڙا دورا وزيراعليٰ بدران وزيراعظم کي ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته سياسي حلقن ۾ اهو تبصرو به ٿيندو رهي ٿو ته شايد اهي دورا مريم نواز کي وزيراعظم بڻجڻ جي تربيت طور ڪرايا پيا وڃن، سياسي تجزيي نگار سلمان غني وضاحت ڪئي  ته اهڙي قسم جي دورن ۾ جيڪا آساني مريم نواز کي حاصل آهي، اها ٻين صوبن جي وزيراعليٰ لاءِ ناهي۔ ڇو ته وفاق ۾ سندن چاچي (وزيراعظم) جي حڪومت آهي ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن ويجها مائٽ آهن،سلمان غني وڌيڪ چيو ته  اهو به اهم آهي ته مريم نواز جي نظر صوبائي سياست کان پوءِ مرڪزي سياست تي به آهي، تنهن ڪري اهي دورا سندن لاءِ خاص اهميت رکن ٿا”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.